لاهور: حيدرآباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. حيدرآباد ۾ 10 کان 20 روپيه في ڪلو جو اضافو ڪيو ويو. 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2400 روپين مان وڌي 2600 روپين جو ٿي ويو.
چڪي مالڪن جو انهي حوالي سان چوڻ آهي ته 100 ڪلو ڪڻڪ جي ٻوري تي 13 کان 15 سئو روپين تائين اضافو ٿيو آهي جڏهن ته پشاور ۾ هڪ هفتي جي دوران 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 200 روپين تائين وڌي چڪي آهي.
ٻئي طرف فلورملز ايسوسيئيشن جي ذريعن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا جاري نه ٿيڻ سبب پنجاب ۾ اٽي جي کوٽ برقرار آهي. جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۽ سينٽرل پنجاب ۾ بحران جي ڪيفيت تيزي سان وڌي رهي آهي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا صرف لاهور تائين جاري ڪئي وئي آهي ٻين شهرن ۾ 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو دستياب نه آهي. فلورملز ڪڻڪ مهانگائي ٿيڻ تي پيسائي روڪي ڇڏي آهي. 4600 روپيه مڻ ڪڻڪ خريد ڪري سستي اگهه تي اٽو وڪرو نٿا ڪري سگهون.
گروپ ليڊر فلور ملز ايسوسيئيشن عاصم رضا ٻڌايو ته کاتو جيتري ڪڻڪ ڏئي رهيو آهي. اوترو اٽو بازار ۾ اماڻي رهيا آهيون ڪڻڪ جي کوٽ هجڻ سبب اها مهانگي ٿي وئي آهي. گذريل سال جي نسبت هن سال ڪڻڪ گهٽ جاري ڪئي وئي آهي. جنهن جي ڪري اٽي جي قيمت وڌي رهي آهي اڃان به وڌيڪ وڌندي.
ٻئي طرف خوراڪ کاتي جي ترجمان موجب صوبي ۾ ڪڻڪ 8 لک ميٽرڪ ٽن موجود آهي، ڪنهن به قسم جي کوٽ نه آهي، پنجاب ۾ اٽي جو هڪ ئي ريٽ آهي.
ترجمان موجب 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 905 روپين جو آهي جڏهن ته 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1810 روپيه آهي، پنجاب ۾ اٽي جي قيمت نه وڌي آهي نه ئي وري وڌڻ ڏينداسين.
تبصرے بند ہیں۔