ڀارت خطي ۽ عالمي سطح تي دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد:  پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ جي ايف 17 معاهدي تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وسيع دفاعي لاڳاپا  آهن، جي ايف 17 جهازن جي معاهدي بابت ڪابه خبر نه آهي جيڪڏهن اهڙو ڪجهه به ٿيو ته اهو وقت اچڻ تي ٻڌائينداسين.

پرڏيهي وزارت ۾ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته جمون، ڪشمير جي لاءِ پنج جنوري تي حق خوداراديت جو ڏينهن ملهايو ويو، هندستان ڪشميري اڳواڻن کي خاموش ڪرڻ ۾ رڌل آهي. هزارين ڪشميري اڳواڻ هندستاني جيلن ۾ قيد آهن. پنج آگسٽ 2019 تي ڀارت ڪارا قدم کنيا. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي لاءِ سياسي، سماجي تعاون جاري رکندو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چين جو دورو ڪيو، اسحاق ڊار پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ۾ شرڪت ڪئي. ترجمان موجب پاڪ چين پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو گڏيل پڌر نامو جاري ڪيو ويو.

پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ جي ايف 17 يج معاهدي تي پرڏيهي وزارت رد عمل ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ وسيع دفاعي لاڳاپا آهن جي ايف 17 جهازن جي معاهدي بابت ڪابه خبر نه آهي. جيڪڏهن اهڙو ڪوبه معاهدو ٿيو آهي ته اهو وقت اچڻ تي ٻڌائينداسين.

پاڪستاني ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان کي رد ڪري ٿو اهو ڀارت جو رڪارڊ آهي ته اهو خطي ۽ عالمي سطح تي دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي. ڀارت جا پاڪستان تي الزام انهن جي امن دشمن قدمن کي لڪائي نٿا سگهن. ڀارت کي ٻين کي ظاهر ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجو پاڻ کي بدلجڻ گهرجي.

هن چيو ته دهلي ۾ فيض الهي مسجد ۽  ڀرپاسي جي ملڪيتن کي ڊاهڻ ڀارت جي مسلم ڪش قدمن جي مهم جو حصو آهي. اهو 1992ع ۾ بابري مسجد جي ڊاهڻ ۽ بعد ۾ مندر جي تعمير جو تسلسل آهي اهو اقليتن جي خلاف ڀارتي نفرت ڏياريندڙ هندوتوا مهم جو حصو آهي پاڪستان ۽ سعودي عرب جو دفاع سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون موجود آهي.

پاڪستان ايران جي معاملن ۾ ڪنهن به پرڏيهي مداخلت جو مخالف آهي. صومالي لينڊ جي حوالي سان اسان جو موقف واضح آهي. اسان مختلف فورمز تي صومالي لينڊ جي غيرقانوني رياست جي مخالفت ڪئي آهي، اهي پاڙيسري ملڪ صوماليه کي ورهائڻ جي سازش آهي.

گذريل ڏينهن پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفيرن سان اسحاق ڊار جي ملاقات معمول جو حصو آهي. پاڪستان افغانستان سان مخلصاڻو رويو نٿو چاهي. اسان جو مطالبو انتهائي سادو آهي ته افغان شهري ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي ۾ استعمال نه ٿين. اسان صرف تصديق جوڳي لکت ۽ پڪين ضمانتن ۽ انهن تي عمل چاهيون ٿا. اهي ضمانتون افغانستان جي پنهنجي لاءِ بهتر آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔