يورپي يونين طرفان پي آءِ اي جي اڏامن جي معطلي جو اطلاق اڄ کان ٿيندو

اسلام آباد: يورپي يونين ايئر سيفٽي ايجنسي طرفان پي آءِ اي جي اڏامن جي معطلي جو اطلاق اڄ کان ٿيندو.

پي آءِ اي جي ترجمان موجب يورپي يونين ايئرسيفٽي ايجنسي يورپي ملڪن جي اڏامن لاءِ پي آءِ اي جو اجاتنامو ڇهه مهينن جي لاءِ معطل ڪيو آهي جنهن جو اطلاق اچ کان ٿيندو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته اڄ رات کان يورپ لاءِ سمورين اڏامن کي معطل ڪيو ويندو تنهن ڪري جن مسافرن جي بڪنگ آهي اهي چاهن ته بڪنگ اڳتي ڪرائين يا ريفنڊ حاصل ڪري سگهن ٿا.

ترجمان ٻڌايو ته ڪوڙن لائسنس تي پائليٽس جون اڏامون آپريٽ ڪرڻ تي يورپي يونين طرفان پابندي هئين وئي آهي، يورپي يونين پاڪستان حڪومت کان پائلٽس جي لسٽ گهري ورتي آهي.

قومي ايئرلائين جي ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته يورپين فضائي سيفٽي سان رابطي ۾ آهيون ۽ خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔