سوئزرلينڊ جي سياحتي هنڌ تي بار ۾ ڌماڪو، 40 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

جنيوا:  سوئزرلينڊ  جي شهر جنيوا ڀرسان واقع مشهور اسڪي ريزورٽ ٽائون ڪران مونٽانا ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سوئس پوليس ٻڌايو ته ڪرانس مونٽانا جي لگزري ريزورٽ اسڪي جو هڪ بار زوردار ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو. آزاد ذريعن موجب هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ 40 ڄڻا مارجي ويا آهن.

سوئس پوليس اختيارين ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته انهن مارجي ويل ۽ زخمي جي تعداد ۽ ڌماڪي جي سببن بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته اربع ۽ خميس جي رات هڪ لڳي 30 منٽن تي سياحت جي لاءِ مشهور اسڪي زيزورٽ ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي وقت نيو ايئر ملهائڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد موجود هو.

اهو سياحتي هنڌ سوئي راڄڌاني برن کان تقريبن ٻن ڪلاڪن  جي سفر کان پوءِ اچي ٿو. ڌماڪي جي شدت ايتري وڌيڪ هئي جو ويجهين عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. متاثر ماڻهن جي خاندانن  لاءِ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي. ڌماڪي جي نوعيت ۽ سبب ڄاڻڻ بابت ڪوبه حتمي بيان جاري ناهي ڪيو ويو پر شروعاتي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔