صدر پاران سي ڊي اي ترميمي بل 2025 جي منظوري

اسلام آباد:  صدر آصف علي زرداري ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) ترميمي بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم جي صلاح تي، صدر سي ڊي اي ترميمي بل تي دستخط ڪيا، سي ڊي اي ترميمي بل 2025 کي آئين جي آرٽيڪل 254 جي تحت منظور ڪيو ويو.سي ڊي اي ترميمي بل 2025 سينيٽ پاران 7 نومبر 2025 تي منظور ڪيو ويو، جڏهن ته قومي اسيمبلي 8 ڊسمبر 2025 تي ڪنهن به ترميم کان سواءِ سي ڊي اي ترميمي بل منظور ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سي ڊي اي ترميمي بل جي منظوري جي تصديق ڪئي.صدر جي دستخط کان پوءِ، سي ڊي اي ترميمي بل 2025 پارليامينٽ جو ايڪٽ بڻجي ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔