اتر وزيرستان: فتنته الخوارج جو ڇڏيل بارودي مواد ڦاٽڻ سبب مدرسي ۾ ڌماڪو، 2 ٻارڙا شهيد، 8 زخمي

اتر وزيرستان: اتر وزيرستان جي ڳوٺ عيسوڙي ۾ خوارج جي ڇڏيل پراڻي ڌماڪيدار مواد ڦاٽڻ سبب مدرسه ۾ ڌماڪو ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻه معصوم ٻار شهيد جڏهن ته اٺ زخمي ٿي پيا.

زخمي ٻارن کي فوري طور تي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن علاج ڪيو پيو وڃي،  حادثو معصوم ٻارن جي خوارج جي ڇڏيل بارودي مواد سان کيڏڻ سبب پيش آيو. ٻڌايو پيو وڃي ته وار آن ٽيرر دوران خوارج خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي فورسز جو رستو روڪڻ لاءِ بارودي سرنگون وڇايون هيون.

ماضي ۾ عيسوڙي جي ويجهو جبل خوارج جي منصوبن لاءِ ڪمينگ جڳهون رهيون آهن. باچوڙ، لکي مروت ۽ ٻين علائقن ۾ به اهڙا حادثا ٿي چڪا آهن. خيبرپختونخوا ۾ ڪل 114 چورس ڪلوميٽر علائقي ۾ بارودي مواد ۽ سرنگن جي نشاندهي ٿي هئي، جن مان 82 چورس ڪلوميٽر فوج مڪمل ڪليئر ڪري چڪي آهي.

پاڪ فوج طرفان علائقن کي بارودي  مانيٽنگ کان پاڪ ڪرڻ جو مقصد عوام کي حادثن کان محفوظ رکڻ آهي. باقي علائقن جي ڊي مائيننگ تي ڪم جاري آهي ته جيئن عوام کي حادثن کان محفوظ رکيو وڃي. فتنه الخوارج جا دهشتگردانه عزائم خيبرپختونخوا ۾ تباهي ۽ خونريزي جو سبب بڻجن ٿا.

 

تبصرے بند ہیں۔