اسلام آباد: پرڏيهي وزارت آمريڪي شهر ڊيلا ويئر ۾ گرفتار ٿيل شخص جي پاڪستاني شهري هجڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.
پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۾ گرفتار شخص لقمان خان پاڪستاني نه پر افغان شهري آهي. انهي کان اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته 25 ورهين جي لقمان خان جي گرفتاري 24 نومبر جي رات عمل ۾ آندي وئي هئي.
آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته پوليس ڪينبي پارڪ ويسٽ ۾ هڪ ٽرڪ کي روڪيو جنهن ۾ لقمان موجود هو پوليس موجب لقمان خان کي گاڏي مان ٻاهر نڪرڻ جا حڪم نه مڃڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو.
آمريڪي ميڊيا رپورٽ ۾ پوليس جو حوالو ڏيندي ٻڌايو هو ته جاچ جي دوران لقمان خان جي ٽرڪ مان پستول، ميگزين ۽ مبينه حملي جي منصوبه بندي جا دستاويز پڻ هٿ آيا.
لقمان خان جي ٽرڪ مان هٿ آيل دستاويزن ۾ يونيورسٽي آف ڊيلاويئر جي پوليس اسٽيشن جو خاڪو، داخلي ۽ خارجي دروازن جا نشان ۽ هڪ پوليس آفيسر جو نالو به لکيل هو. ايف بي آءِ گرفتاري جي هڪ ڏينهن بعد 25 نومبر تي لقمان خان جي گهر تي به ڇاپو هنيو جتان کان وڌيڪ جديد هٿيار هٿ ڪيا ويا.
آمريڪي اختيارين دعويٰ ڪئي هئي ته لقمان خان پاڪستاني ڄائو آمريڪي شهري ۽ يونيورسٽي آف ڊيلاويئر جو شاگرد آهي، جوابدار انهي يونيورسٽي جي پوليس ڊپارٽمينٽ تي حملي جي منصوبه بندي ڪري رکي هئي.
تبصرے بند ہیں۔