اسلام آباد: پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٿيل تازيون امن ڳالهيون وڏي اڳڀرائي کان سواءِ ختم ٿي ويون.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي رائٽرز ٻنهي ملڪن جي اختيارين جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جنگبندي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب گذريل هفتي سعودي عرب ۾ ٿيل اهي ڳالهيون ترڪيه ۽ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ٿيل سلسليوار اجلاسن جو حصو هئي. اهڙن اجلاسن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آڪٽوبر ۾ ٿيل سرحدي چڪرين کان پوءِ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ هو.
رائٽرز موجب دوحه ۾ طئي ٿيل جنگ بندي هينئر تائين وڏي حد تائين برقرار آهي پر گذيل مهيني استنبول ۾ ٿيل فالو اپ ڳالهين ۾ ڊگهي مدي جو معاهدو طئي نه ٿي سگهيو هو.
ٻنهي ملڪن جي اختيارين خبرون ڏيندڙ ايجنسي کي ٻڌايو ته تازو ڳالهيون سعودي عرب جي هڪ آڇ جي تحت ٿيون. ياد رهي ته آڪٽوبر ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيل سرحدي چڪرين ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا. پاڪستان جو مطالبو آهي ته افغان طالبان لکت ۾ يقين دهاني ڪرائين ته اهي پاڪستان مخالف گروپن جي خلاف ڪارروائي ڪندا پر طالبان اختياريون انهي لاءِ تيار نه آهن.
تبصرے بند ہیں۔