اسلام آباد: پي آءِ اي جا اڌ جهاز بند هجڻ باوجود قومي ايئر لائن اربين روپين جو منافعو ڪمائي رهي آهي جڏهن ته ڪمپني جي نجڪاري ڊسمبر جي آخر ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
قومي ايئرلائن پي آءِ اي جي نجڪاري جو معاملو هڪ دفعو ٻيهر رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، هاڻ ڊسمبر جي پهرين هفتي بجاءِ اهو عمل آخري هفتي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف پي آءِ اي 14 کان 16 جهازن سان اندرون ۽ بيرون ملڪن ۾ فضائي آپريشن جي ذريعي هلندڙ مالي سال جي 6 مهينن ۾ 11 ارب 50 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو وقت کان اڳ ٽيڪس منافعو حاصل ڪيو آهي.
پي آءِ اي ذريعن موجب قومي ايئرلائن وٽ گهٽ تعداد ۾ جهاز هجڻ باوجود ڪينيڊا، برطانيه، فرانس، سعودي عرب، امارات سميت ٻين ملڪن جي لاءِ فضائي آپريشن جاري رکيو آهي.
گذريل سال پي آءِ اي 26 ارب 20 ڪروڙ روپين جو منافعو ڪمايو هو جڏهن ته هن سال هينئر تائين 11 ارب 50 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو منافعو حاصل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پي آءِ اي جي جهازن جي گهٽتائي پوري ڪئي وڃي ته گذريل سال جي نسبت 2 کان 3 ارب روپيه وڌيڪ منافعو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
پي آءِ اي وٽ گڏيل طور تي 32 جهاز موجود آهن جن مان 16 جهاز انجڻ ۽ ٻين اسپيئر پارٽس جي خرابي سبب آپريشن ۾ شامل نه آهن. ذريعن موجب جيڪڏهن اهي جهاز وقت تي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ڪيا وڃن ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي ضرورت ئي نه رهندي.
ٻئي طرف نجڪاري ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ايندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪا پهريان ڊسمبر جي شروعات ۾ ٿيڻي هئي. نجڪاري ۾ حصو وٺندڙ ڪمپنين ۾ فوجي فرٽيلائيزر، حبيب رفيق، يونس برادرز ۽ ايئر بليو شامل آهن. ڊسمبر ۾ ٿيل بڊنگ ۾ اهو ڏٺو ويندو ته پي آءِ اي کي ڪهڙي ڪمپني خريد ڪري ٿي.
پي آءِ اي جي ذريعن موجب جيڪا به ڪمپني پي آءِ اي کي خريد ڪندي انهي کي 300 کان 400 ارب روپين تائين جي اضافي سرمائيڪاري ڪرڻي پوندي جيڪو هڪ وڏو چيلينج آهي.
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ اندرون ۽ بيرون ملڪ موجود اربين روپين جي پراپرٽي شامل ناهي، اها پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني جي نالي منتقل ڪئي وئي آهي، نجڪاري ۾ صرف اسلام آباد، ڪراچي، پشاور ۽ راولپنڊي جون 4 مين آفيسون شامل آهن.
تبصرے بند ہیں۔