54 هزار نوڪريون ختم ڪري ڇڏيون، انهي سان 56 ارب روپين جي بچت ٿيندي: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته 54 هزار نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن، انهي سان ساليانو 56 ارب روپين جي بچت ٿيندي، جڏهن ته ڪيترين ئي وزارتن ۽ کاتن جي انضمام ۽ خاتمي جو عمل جاري آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان بزنس ڪونسل جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام، مسابقت ۽ مالي نظم وضبط جي لاءِ اصلاحات اڳيان وڌائي رهيا آهن.

هن چيو ته ٽيڪس نظام جي مڪمل ڊيجيٽلائزيشن جو ايجنڊا تيزي سان جاري آهي، ملڪ کي ڪيش اڪانومي سان ڊاڪومينٽڊ اڪانموني طرف کڻي وڃڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته اوسط قرض ميچورٽي وڌي 4 سال ٿي وئي آهي ۽ ري فنانسنگ رسڪ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، 54 هزار نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن. انهي سان ساليانو 56 ارب روپين جي بچت ٿيندي، ڪيترين ئي وزارتن ۽ کاتن جي انضمام ۽ خاتمي جو عمل جاري آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته ساڍا 9 سيڪڙو معاشي نمو جو امڪان آهي. ايندڙ سال 4 سيڪڙو تائين پهچڻ جي اميد آهي. وچولي مدي ۾ گروٿ 6 کان 7 سيڪڙو تاين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته ڪرپٽو ۽ ڊيجيٽ اثاثن جي لاءِ ريگيوليٽري نظام فعال ٿيڻ جي ويجهو آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ برآمدات ۾ اضافو ضروري آهي ۽ نجي سيڪٽر ملڪ کي اڳيان وٺي وڃي رهي آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته 11هين اين ايف سي ايوارڊ جو پهريون اجلاس 4 ڊسمبر تي ٿيندو.

تبصرے بند ہیں۔