ممبئي : ڀارتي ميڊيا رپورٽ ڪري رهي آهي ته بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار ڌرمينڌر 89 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو آهي.هندستاني ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪار جي ٽيم اڱاري 11 نومبر جي صبح سندس موت جي تصديق ڪئي.ڌرميندر کي ڪالهه ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو وينٽيليٽر تي هو.هندستاني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌرمينڌر کي به گذريل هفتي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جڏهن ته هن جي اکين جي سرجري به هن سال اپريل ۾ ٿي هئي، رپورٽن موجب، ڌرمينڌر آخري ڀيرو فلم ‘اڪيس’ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا، جيڪا 25 ڊسمبر تي رليز ٿيڻ واري آهي.ٻئي طرف، ڌرمينڌر جي ڌيءَ ايشا ديول پاران انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ پيغام پڻ منظر عام تي آيو آهي، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي ميڊيا غلط خبرون پکيڙي رهي آهي ۽ سندس پيءُ جي حالت بهتر ٿي رهي آهي.هن چيو ته سڀني کي درخواست آهي ته اسان جي خاندان جي رازداري جو احترام ڪن ۽ منهنجي پيءُ جي مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪن.
تبصرے بند ہیں۔