آمريڪي صدر ٽرمپ ڀارت سان نئين معاهدي جو اعلان ڪري ڇڏيو

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، هندستان سان هڪ نئين معاهدي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو هندستان سان هڪ اهڙو معاهدو ڪري رهيو آهي، جيڪو ماضي کان مختلف آهي. هندستان ۾ پنهنجي سفير سرجيو گور جي حلف برداري جي موقعي تي اوول آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي، ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان ويجهو اچي رهيا آهيون.هن چيو ته هندستان سان نئون معاهدو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپن کي وڌائيندو، ان جو مقصد آمريڪي توانائي جي برآمدات ۽ اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي.آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته شام جي صدر جا ترڪي جي صدر اردگان سان سٺا لاڳاپا آهن، اسان شام سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ اسرائيل سان ڪم ڪري رهيا آهيون.

تبصرے بند ہیں۔