پاڪستاني معيشت تيزي سان بهتر ٿي رهي آهي، بلومبرگ

ڪراچي: آمريڪي ميڊيا گروپ بلوم برگ موجب، پاڪستان انهن ٿورَن ملڪن مان هڪ آهي، جن جي ڏيوالي ٿيڻ جا خدشا نمايان طور گهٽجي ويا آهن. بلوم برگ جي تازن انگن اکرن موجب، پاڪستان انهن چند ملڪن ۾ شامل آهي جن ڏيوالپڻي جي خطري ۾ سڀ کان وڏي گهٽتائي ڏيکاري آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ڪارڪردگي دنيا جي اڀرندڙ معيشتن ۾ ٻئي نمبر تي رهي آهي، ۽ صرف ترڪيه پاڪستان کان اڳتي آهي. رپورٽ مطابق، گذريل 15 مهينن (جون 2024 کان سيپٽمبر 2025 تائين) پاڪستان جي ديواليه ٿيڻ جي امڪانن ۾ 2200 پوائنٽن جي نمايان بهتري آئي آهي، جيڪا پاڪستان جي پائيدار معاشي بهتري جو ثبوت آهي. بلوم برگ موجب، پاڪستان جي ابتڙ ڏکڻ آفريقا، ايل سلواڊور ۽ ٻين ملڪن ۾ بهتري تمام ٿوري رهي، جڏهن ته مصر، نائجيريا ۽ ارجنٽينا جهڙن ملڪن ۾ خطرا وڌيڪ وڌي ويا آهن. بلوم برگ وڌيڪ چيو ته اها بهتري ان ڳالهه جي نشاني آهي ته سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد ٻيهر بحال ٿي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔