غزه جنگبندي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، فلسطينين جي حمايت جاري رکنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزه جنگبندي جي ويجهو پهچي چڪا آحيون، پاڪستان فلسطينين جي حمايت هميشه جاري رکندو.

سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته الحمدالله اسان هن نسل ڪشي جي شروعات کان پوءِ فلسطيني عوام جي لاءِ جنگبندي جي پهريان کان وڌيڪ ويجهو آهيون. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ هميشه بيٺل رهندو.

شهباز شريف چيو ته مان ٿورائتو آهيان صدر ٽرمپ سان گڏوگڏ قطر، سعودي عرب، متحده عرب امارات، ترڪي، اردن، مصر ۽ انڊونيشيا جي قيادت جو جن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ کان فلسطيني مسئلي جي حل لاءِ ملاقات ڪئي.

وزيراعظم ٽوئٽ ۾ وڌيڪ چيو ته حماس جي مثبت بيان سان جنگبندي ۽ امن جي قيام لاءِ هڪ موقعو پيدا ٿيو آهي جنهن کي اسان ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. شهباز شريف چيو ته انشاءَالله پاڪستان پنهنجي سمورن ڀائيوارن ۽ پاڙيسري ملڪن سان گڏجي فلسطين ۾ گڏيل امن جي لاءِ ڪم جاري رکندو.

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔