اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف ريوينو (ايف بي آر) پراڻين گاڏين جي درآمد تي 40 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي، امپورٽ پاليسي آرڊر 2022 تحت مخصوص شرط پورا ڪندڙ، استعمال ٿيل گاڏين تي اها ڊيوٽي لاڳو ٿيندي. ايف بي آر ڪمرشل بنيادن تي درآمد ڪيل استعمال ٿيل ۽ پراڻين گاڏين تي 40 سيڪڙو ريگوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. هي ڊيوٽي وفاقي حڪومت پاران ڪسٽم ايڪٽ 1969 جي سيڪشن 18 جي سب سيڪشن (3) تحت حاصل اختيارن جي استعمال سان لاڳو ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، اها ڊيوٽي انهن استعمال ٿيل گاڏين تي لاڳو ٿيندي، جيڪي امپورٽ پاليسي آرڊر 2022 تحت مخصوص شرطون پوريون ڪري درآمد ڪيون پيون وڃن. انهن گاڏين ۾ پي سي ٽي هيڊنگ 8702، 8703، 8704 ۽ 8711 هيٺ ايندڙ گاڏيون شامل آهن. هي قدم درآمدات کي گهٽائڻ ۽ ملڪ ۾ غير ملڪي زرِ مبادله جي وهڪري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي.