پيپلز پارٽي جو مريم نواز جي تقرير تي احتجاج، قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ

اسلام آباد:  پيپلز پارٽي جي ميمبرن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان تي احتجاج ڪندي قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.

واڪ آئوٽ کان اڳ پ پ اڳواڻ نويد قمر اعتراض جي نڪتي تي چيو ته ٻوڏ صورتحال سبب زرعي ايراضي ٻڏل آهي، ڪجهه ڏينهن کان غير مناسب بيان اچي رهيا آهن. پنجاب جي وزيراعليٰ جي تقرير تي ڏک ٿيو، پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته اسان جو پاڻي، انهي ڳالهه جو مطلب ڇا آهي؟

هن چيو ته اسان حڪومت کي ڪلهو ڏيڻ جا طعنا برداشت ڪري رهيا آهيون. حالتون اهڙيون رهيون ته اپوزيشن بينچز تي هليا وينداسين، اسان کي ڪرسيون ۽ وزارتون نه گهرجن.

قومي اسيمبلي ۾ وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان تي پيپلز پارٽي کان معذرت ڪندي چيو ته گهر جا وڏا انهي مسئلي کي ويهي حل ڪري وٺندا. پيپلز پارٽي جو احتجاج اسان جي گهر جو معاملو آهي، سياست ۾ گرما گرمي هلندي رهندي آهي.

اپوزيشن ميمبرن کي مخاطب ٿيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته اوهان خوش نه ٿيو، اوهان جي خواهش پوري نه ٿيندي، پ پ ۽ اسان جو اتحاد جاري رهندو.

اعظم نذير تارڙ طارق فضل چوڌري ۽ طلال چوڌري کي پ پ ميمبرن کي پرچائڻ جي لاءِ اماڻي ڇڏيو جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔