ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي خودڪش حملو، 10 شهري فوت، 32 زخمي

ڪوئيٽا : ڪوئيٽا ۾ حالي روڊ تي ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي خود ڪش حملي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ 32 زخمي آهن. جن مان 5 زخمين جي حالت نازڪ آهي. اڇي رنگ جي ويگن جيڪا بارود سان ڀريل هئي اها ايف سي هيڊ ڪورٽر وٽ وڏي ڌماڪي سان ڦاٽي پئي. جنهن بعد خودڪش بمبار کانسواءِ 4 دهشتگردن ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪندي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ايف سي جي جوانن بروقت ڪاروائي ڪري ناڪام بڻائي سڀني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. پوليس چيو ته ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، جتان لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالهادي موجب، ڌماڪي واري هنڌ کان 5 لاش ۽ 20 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهو عام شهري آهن.صحت کاتي جي ترجمان موجب، ڌماڪي کي نظر ۾ رکندي ڪوئيٽا ۾ سول اسپتال، بي ايم سي اسپتال ۽ ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو ته سڀني ڊاڪٽرن، فارماسسٽ، اسٽاف نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي اسپتالن ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف روڊ تي ڌماڪي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ زوردار ڌماڪي کان پوءِ واقعي واري هنڌ تان باهه جا شعلا اُڀرندي نظر آيا، جڏهن ته ويجهي روڊ تي ڪيتريون ئي گاڏيون به ڌماڪي جي زد ۾ اچي ويون.

هندستاني پراڪسي فتنا الھندستان جو خودڪش حمل

سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الھندوستان ڪار خودڪش حملو ڪيو، جنهن ۾ خودڪش بمبار کان علاوه چار دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن موجب، هڪ سوزوڪي پهرين آئي ۽ ڪار کي ٽڪر هنيو ۽ هڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن کان پوءِ چار هٿياربند ماڻهن عمارت ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فورسز فوري طور تي جواب ڏنو ۽ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪو به دهشتگرد عمارت ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو.سيڪيورٽي ذريعن موجب، حملي آور ايف سي وردي ۾ ملبوس هئا، جيڪي سڀئي مارجي ويا، جڏهن ته حملي ۾ ٻه ايف سي جوان زخمي ٿيا.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي هندستان جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ شرپسندن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندا رهندا.بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته سيڪيورٽي فورسز واقعي کان پوءِ فوري ۽ اثرائتي جواب ڏنو. فورسز سڀني دهشتگردن کي تباهه ڪري ڇڏيو.وڏي وزير شهيدن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔