يو اين اجلاس، آمريڪا جو فلسطيني وفد کي ويزا کان انڪار

نيويارڪ: آمريڪا فلسطيني وفد کي يو اين جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب، گڏيل قومن جي ڪانفرنس نيويارڪ جي بجاءِ جنيوا ۾ ڪرائڻ جي مطالبن ۾ واڌارو ٿي رهي آهي، پر جنرل اسيمبلي جو اجلاس اڄ کان نيويارڪ ۾ شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ فلسطين کي تسليم ڪرڻ بابت اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي. جنرل اسيمبلي ۾ اعليٰ سطح وارا بحث 23 کان 27 سيپٽمبر تائين هلندا ۽ يو اين جنرل اسيمبلي جو اجلاس 29 سيپٽمبر تي ختم ٿيندو. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽرمپ انتظاميه فلسطينی صدر ۽ وفد کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. 1988ع ۾ به آمريڪا پي ايل او جي سربراهه ياسر عرفات کي نيويارڪ اچڻ کان روڪيو هو، ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي جو سموري فلسطيني وفد کي آمريڪا اچڻ کان روڪيو ويو آهي. ان جو مقصد اوسلو معاهدي کان پوءِ فلسطين جي تاريخ جي هڪ اهم ترين ايونٽ ۾ شرڪت کي روڪڻ آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق، ٻن رياستن واري حل بابت جنرل اسيمبلي جي هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس 22 سيپٽمبر تي نيويارڪ ۾ ٿيڻ واري آهي، جنهن ۾ سعودي عرب ۽ فرانس جي قيادت هيٺ ڪانفرنس ۾ فلسطيني صدر کي شرڪت ڪرڻي هئي، جڏهن⁠ته سيشن ۾ برطانيه، فرانس، اسپين، آسٽريليا، ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن طرفان فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو امڪان آهي. ڊنمارڪ جي يورپين پارليامينٽ جي ميمبر پرڪلاسئن تجويز ڏني آهي ته يو اين اجلاس جنيوا ۾ منعقد ڪيو وڃي، فلسطينين جي حق کي تسليم ڪيو وڃي ۽ صدر ٽرمپ کي واضح پيغام ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔