پاڪستان ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، ماحولياتي انصاف لاءِ سڀني کي آواز اٿارڻو پوندو: اسحاق ڊار

اسلام آباد: نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان کي هڪ دفعو ٻيهر ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

انٽر پارليماني اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا غير حل طلب تڪرار عالمي امن لاءِ سخت خطرا آهن. پاڪستان هميشه تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.

هن چيو ته امن، استحڪام ۽ ترقي جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، پائيدار علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پارليماني سفارتڪاري ڳالهيون گڏيل احترام ۽ رابطن  کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. پارليماني ليڊرز جي وچ ۾ رابطن جي ڏي وٺ وقت جي گهرج آهي.

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته عالمي اقتصادي نظام ۾ بنيادي اصلاحات آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جو عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر پاڪستان کي هڪ دفعو ٻيهر  ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ٻوڏ سبب لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن.

اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته هن وقت اسان کي موسمياتي تبديلي جهڙي سنگين چيلنجز کي منهن يڻو پئجي رهيو آهي، ماحولياتي انصاف جي لاءِ سڀني کي آواز اٿارڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔