مچل اسٽارڪ پاران ٽي ٽوئنٽي تان ريٽائرمينٽ جو اعلان

لنڊن : آسٽريليا جي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ ٽي 20 انٽرنيشنل مان فوري طور تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪرڪيٽ آسٽريليا جي مطابق، مچل اسٽارڪ ٽيسٽ ۽ ون ڊي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ٽي 20 انٽرنيشنل مان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي.35 سالن جو فاسٽ بالر، جنهن گذريل سال جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ کان پوءِ ٽي 20 انٽرنيشنل ميچ نه کيڏيو آهي، هاڻي صرف آسٽريليا لاءِ ٽيسٽ ۽ ون ڊي لاءِ دستياب هوندو.ان کان علاوه، اسٽارڪ انڊين پريميئر ليگ سميت گهريلو ٽي 20 ليگ ۾ حصو وٺندو رهندو.آسٽريليا جي ميڊيا موجب، مچل اسٽارڪ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ هميشه منهنجي اولين ترجيح رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔