پنجاب ۾ شڪست جو ڊپ، ڪي پي ڪي ۾ ڌانڌلي جو سهارو، خواجه آصف جي پي ٽي آءِ تي تنقيد

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو نالو کڻڻ کان سواءِ ضمني چونڊ بابت بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ شڪست جو ڊپ پر خيبرپختونخواهه ۾ ڌانڌلي جو سهارو ورتو ويندو جيڪا ٽوٽل ٻه نمبري آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائٽ ايڪس تي دفاع واري وزير خواجه آصف رد عمل ڏيندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ چونڊ  وڙهڻ لاءِ تيار ڇو ته پنهنجي حڪومت آهي ۽ پنهنجي مرضي جو نتيجو ڪڍي سگهن ٿا.

هن چيو ته پنجاب  ۾ چونڊن کان ڀڄڻ ڇو ته اتي عوام جي طاقت سان شڪست يقيني آهي جتي ڪرسي ۽ حڪومت هجي اتي اليڪشن شوق سان ۽ جتي عوام جو فيصلو هجي اتي بائيڪاٽ.

دفاع واري وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڌانڌلي جي سهاري بيٺل، پنجاب ۾ عوامي فيصلو برداشت ڪرڻ جي طاقت ناهي، اها اليڪشن نه پر پنهنجي مرضي جي راند آهي جتي کٽڻ جو يقين هجي اتي مقابلو جتي شڪست يقيني هجي اتي بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

خواجه آصف وڌيڪ تنقيد ڪندي چيو ته عوامي اعتماد سان نه پر سرڪاري مشينري سان اليڪشن کٽڻ جا خواهشمند، پنجاب ۾ شڪست جو ڊپ، خيبرپختونخواهه ۾ ڌانڌلي جو سهارو اها آهي اصل سياست انصاف، ٽوٽل ٻه نمبري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔