فيصل آباد: دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت 9 مئي تي راڻا ثناءُالله جي گهر تي حملي بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي 59 جوابدارن کي 10-10 سال قيد جون سزائون ٻڌايون ويون.
دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت 16 جوابدارن کي 3-3 سال قيد جون سزا ٻڌايون جڏهن ته 34 جوابدارن کي بري ڪيو ويو. دهشتگردي جي انت واري عدالت طرفان گڏيل طور تي75 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون ويون، سمورن جوابدارن کي انهن جي غير موجودگي ۾ سزائون ٻڌايون ويون.
عدالت طرفان جن پي ٽي آءِ اڳواڻن کي 10-10 سال قيد جون سزائون ٻڌايون ويون انهن ۾ عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل، شيخ راشد شفيق، راءِ مرتضيٰ اقبال ۽ ڪنول شوزب سميت ٻيا شامل آهن. اسماعيل سيلا، عنصر اقبال، بلال اعجاز، اشرف سوهنا، مهر جاويد ۽ شڪيل نيازي کي به 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جڏهن ته فواد چوڌري، زين قريشي سميت 34 ڄڻا ڪيس مان بري ٿيلن ۾ شامل آهن.
ياد رهي ته فيصل آباد ۾ 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه، باهين جي ڪيسز ۾ 4 ڪيس داخل ٿيا هئا جن مان 3 جا فيصلا پهريان ٻڌايا ويا هئا چوٿون ڪيس راڻا ثناءُالله جي گهر تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جو سمن آباد ٿاڻي ۾ داخل ٿيل هو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت سميت 109 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو هو.