ڪراچي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) وومنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني پاڪستان اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فاطمه ثناء پهريون ڀيرو ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندي. قومي ويمن ٽيم جو 15 رڪني اسڪواڊ ڏکڻ آفريقا سان 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچون به کيڏندو. ويمنز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڀارت ۽ سري لنڪا ۾ 30 سيپٽمبر کان 2 نومبر تائين شيڊول آهي. پاڪستان جا سڀئي ميچ سري لنڪا ۾ ٿيندا. نتاليا پرويز، رامين شميم، صدف شمس، سعديه اقبال، شوال ذوالفقار ۽ سيده عروب شاه پهريون ڀيرو ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪنديون. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر اسڪواڊ ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، گل فيروزہ ۽ نجيحه علوي اسڪواڊ مان ٻاهر ٿي ويون آهن.