عليمه خان جي پٽ جو8 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ منظور

لاهور: لاهور جي دهشتگردي جي خلاف عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عليمه خان جي پٽ جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل شاھ ريز خان کي عدالت ۾ پيش ڪيو

ان موقعي تي شاھ ريز خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته کيس ٻن سالن کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس وٽ سندس خلاف ڪهڙو ثبوت آهي، جڏهن ته سندس والده اڳ ئي هن ڪيس مان بري ٿي چڪي آهي، تنهنڪري شاھ ريز کي به آزاد ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي پوليس عدالت کان موقف اختيار ڪيو ته کيس وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي ۽ شاھ ريز خان جو 30 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي.

عدالت ڪجهه وقت لاءِ فيصلو محفوظ رکڻ بعد پوليس جي درخواست منظور ڪندي شاھ ريز خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔