صوابي ۾ برسات ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب 27 گهر تباهه، 42 فوت

صوابي ؛ خيبرپختونخواهه جي صوابي ضلعي ۾ برساتن ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب 42 ماڻهو فوت ٿي ويا.ڪجهه ڏينهن اڳ صوابي جي ڳوٺ دلوري بالا ۾ ڪڪر ڦاٽڻ سبب 17 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، تباهه ٿيل گهرن ۾ 40 ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا. ڊپٽي ڪمشنر صوابي نصرالله ٻڌايو ته ‘متاثر ٿيل علائقي ۾ بچاءُ آپريشن مڪمل ٿي چڪو آهي، 40 ماڻهن کي ملبي مان ڪڍيو ويو آهي، جن ۾ 37 لاش ۽ 3 زخمي شامل آهن. پٽي ڪمشنر موجب، ‘سرڪوئي پايان ۾ به ڪڪر ڦاٽڻ سبب 4 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته ڪرنل شير نديءَ ۾ هڪ نوجوان ٻوڏ جي رلي ۾ وهي ويو، جنهن جو لاش ڪالهه بچاءُ ٽيمن هٿ ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته صوابي ضلعي ۾ برساتن ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب ڪل 42 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. دلوري بالا ۾ 17 گهر ۽ سرڪوئي ۾ هڪ گهر ڪڪر ڦاٽڻ سبب مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، جڏهن ته ڪل 27 گهر متاثر ٿيا آهن. دلوري بالا جي متاثر علائقي ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔