گلگت: دنيور نالي ۾ ڇپون ڪرڻ سبب 8 مقامي رضاڪار ملبي هيٺيان دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن جي ڦاٿل هجڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو پيو وڃي.
نجي ٽي وي جي رپورٽ م پوليس ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته مقامي رضاڪار ٻوڏ سبب متاثر واٽر چينل جي مرمت ۽ بحالي ۾ مصروف هئا ته اوچتو مٽيءَ جي هڪ وڏي ڇپ ڪري پئي، جنهن جي هيٺيان اچي ڪيترائي ماڻهو دٻجي ويا.
اسپتال ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويل سمورن مانهن جو تعلق مقامي رضاڪار ٽيم سان آهي جڏهن ته 3 زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ ماڻهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ مقامي آبادي به امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهي آهي، ضلعي انتظاميه متاثر اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
صوبائي حڪومت جي ترجمان ٻڌايو ته گلگت بلتستان ۾ موسمياتي تبديليون شدت اختيار ڪري چڪيون آهن. گليشيئر پگهرجڻ سبب مختلف نالن ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ شيشپر نالي ۾ ٻوڏ آئي جنهن سبب ويجهين آبادين جي زمينن کي سخت نقصان پهتو. زمينون باغ ۽ وڻ لڙهي ويا، جڏهن ته قراقرم هاءِ وي جو هڪ حصو به متاثر ٿيو جنهن کان پوءِ شاهراهه هنزه ٻيهر بند ڪئي وئي آهي.
شاهراهه قراقرم کي ڪٽ هڻڻ سبب هنزه ويندڙ ٽريفڪ کي متبادل رستي نگر روڊ تان گذاريو پيو وڃي. اختيارين امڪاني وڌيڪ برساتن ۽ لينڊ سلائينڊنگ کي نظر ۾ رکندي شهرين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.