فيلڊ مارشل عاصم منير جون صدر پاڪستان ٿيڻ واريون ڳالهيون بي بنياد آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي:  ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي باري ۾ پاڪستان جي صدر بنجڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن.

برطانوي ميگزين(دي اڪنامسٽ) کي انٽرويو ڏيندي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري فيلڊ مارشل عاصم منير جي باري ۾ پاڪستان جي صدر بنجڻ جي ڳالهين کي بي بنياد قرار ڏنو

پاڪستان طرفان ڀارتي فوجي ڪارروائي تي رد عمل بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اسان هن ڀيري ڀارت جي اوڀرين حصي کان شروعات ڪنداسين، شروعات ڀارت جي اندر گهرائي کان حملو ڪرڻ کان ٿيندو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اهي به هر جڳهه تي مارجي سگهن ٿا.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گهرو وزير محسن نقوي سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ چيو هو ته صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي نشانو بنائڻ واري مهم جي پٺيان ڪير آهي اسان چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته ائين ڇو پيو ڪيو وڃي ۽ اهو به ڄاڻو ٿا ته انهي جو فائدو ڪنهن کي پهچندو.

هن چيو ته نه ته صدر جي استعيفيٰ جي ڪا ڳالهه ٿي آهي نه ئي اهڙي ڪا سوچ موجود آهي، نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه آهي ته آرمي چيف صدارت جو عهدو سنڀالڻ جو خواهشمند آهي.

ٻئي طرف پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري به صدر زرداري جي خلاف افواهن جي ترديد ڪندي چيو ته صدر آصف زرداري هن ملڪ جو چونڊيل صدر آهي، انهن جي خلاف افواهن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي، افواهون پکيڙيندڙن کي آئين ۽ قانون سمجهه ۾ نه پيو اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔