غزه تي اسرائيل جي وحشيانه حملن ۾ 74 وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزه: غزه ۾ امداد جي ڳولا ڪندڙ بي وس فلسطينين تي اسرائيل جي وحشياڻي فائرنگ ۽ پناهگير ڪئمپن تي بمباري ۾ 74 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا موجب، سومر ڏينهن اسرائيلي فوج غزه ۾ امداد جي ڳولا ڪندڙ بي وس فلسطينين تي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته پناهگير ڪئمپن تي بمباري به ڪئي.سومر جي صبح کان غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 74 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 36 ماڻهو امداد جي ڳولا ۾ شامل آهن.گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي بمباري ۽ امداد جي کوٽ سبب هر روز 28 ٻار مري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔