اسلام آباد : فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ وڏي پيماني تي تبديليون ڪيون ويون آهن، ڪيترن ئي آفيسرن کي بدلي ڪيو ويو، ان حوالي سان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق گريڊ 20 کان 22 تائين 20 آفيسرن کي تبديل ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، منتقل ڪيل آفيسرن جو تعلق ان لينڊ روينيو سان آهي، گريڊ 21 جا 11 ۽ گريڊ 20 جا 9 آفيسر تبديل ڪيا ويا آهن.گريڊ 21 جي منتقل ڪيل آفيسرن ۾ تهمينه عامر، احمد شجاع خان، نبيلا فاران بيگ، ڪرامت الله خان، ڊاڪٽر محمد سرمد، سيده نورين زهرا، عابد محمود، فهيم محمد، طارق ارباب، عاصم افتخار، ظفر اقبال خان شامل آهن.ان لينڊ روينيو جا وڌيڪ 232 آفيسر تبديل ڪيا ويا آهن، اهي آفيسر گريڊ 17 ۽ 18 سان تعلق رکن ٿا، آفيسر ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ساهيوال، سکر ۽ راولپنڊي جا آهن.ايف بي آر جي نوٽيفڪيشن موجب ڪوئيٽا، سيالڪوٽ، پشاور، ملتان، حيدرآباد ۽ فيصل آباد مان به آفيسرن کي تبديل ڪيو ويو آهي.