واشنگٽن: آمريڪي حڪومت پنهنجي سرڪاري ويب سائٽ پي.گورنمنٽ ذريعي شهرين کي اپيل ڪري رهي آهي ته اهي آن لائن ادائيگي پليٽ فارم pay.gov يا Venmo جي ذريعي قومي قرض لاهڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪن.
آمريڪا تي قرض تقريبن 36.7 کرب ڊالرز تائين پهچي چڪو آهي. ناڻي واري وزارت pay.gov تي Gifts to Reduce the public debt جي نالي سان هڪ سيڪشن ٺاهيو جتي ماڻهو پي پال يا ونمو جي ذريعي ڪريڊٽ/ڊيبٽ ڪارڊ يا بينڪ ٽرانسفر تان رقم ڏئي سگهن ٿا.
اهو پروگرام 1996 ۾ شروع ٿيڻو هو جنهن جي تحت هينئر تائين ماڻهو ٽوٽل 67.3 ملين ڊالرز تائين عطيات ڏئي چڪا آهن جيڪو قرض جي پيماني جي مقابلي ۾ تمام گهٽ رقم آهي. 2024 ۾ شهرين طرفان حڪومت کي قرض ادا ڪرڻ جي مد ۾ تقريبن 27 ڊالر ڏنا ويا جڏهن ته 2025 جي پهرين پنج مهينن ۾ تقريبن 434.500 ڊالرز ڏنا ويا.
ياد رهي ته آمريڪا تي قرض چڙهڻ جي رفتار انتهائي تيز آهي، انگن اکرن موجب آمريڪا تي تقريبن هر سيڪنڊ ۾ 55.000 ڊالرز جي حساب سان قرض وڌي رهيو آهي. ماهر معاشيات آگاهه ڪري چڪا آهن ته حڪومتي سطح تي جيڪڏهن فوري طور تي قدم نه کنيا ويا ته آمريڪا تمام جلد هڪ مالي بحران جو شڪار ٿي ويندو.
سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي صارفين حڪومت جي اهڙي قدم کي هڪ مذاق قرار ڏنو آهي. هڪ صارف جو چوڻ هو ته حڪومت هر شهري جي ڪمائي مان 40 سيڪڙو ته هونئن ئي ٽيڪس ۽ ٻين پاليسين ذريعي ٺڳي وٺي ٿي، انهن جي ايتري جرئت جو هو هاڻ قرض لاهڻ لاءِ به شهرين کي مدد ڪرڻ جو چيو پيو وڃي.