پئرس : فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون اعلان ڪيو آهي ته فرانس سيپٽمبر ۾ فلسطين کي تسليم ڪندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هو جنرل اسيمبلي ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو باضابطه اعلان ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته هي فيصلو وچ اوڀر ۾ هڪ منصفانه ۽ پائيدار امن لاءِ ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، آمريڪا پڻ اعلان ڪيو ته هو اسرائيل-فلسطين ٻٽي رياستي حل تي گڏيل قومن جي ڪانفرنس ۾ حصو نه وٺندو. ٻہ رياستي حل ڪانفرنس 28-29 جولاءِ تي منعقد ٿيندي، ۽ ان جي صدارت فرانس ۽ سعودي عرب ڪري رهيا آهن.