ڍاڪا: ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر محسن نقوي چيو آهي ته اسان کي ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ٺوس ۽ اثرائتا فيصلا ڪرڻا پوندا.ڍاڪا ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هوائي حادثي تي اسان جون همدرديون بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان آهن، محسن نقوي چيو ته ڪرڪيٽ جي واڌاري ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اهم ڪردار آهي. مان تقريب جي ڪامياب انعقاد تي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي مبارڪباد ڏيان ٿو.هن چيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل هڪ خاندان وانگر آهي، اسان کي ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ هڪ ٽيم طور ڪم ڪرڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته رانديون ملڪن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جو هڪ اهم ذريعو آهن. اهڙين تقريبن جو انعقاد اسان کي پنهنجن تجربن جي تبادلي جو موقعو ڏئي ٿو.