آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد ملڪي ترقي کي نٿا روڪي سگهن:ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان ۽ پاڪستان جي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جو رستو نٿا روڪي سگهن.ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جو دورو ڪيو جتي انتظاميه ۽ شاگردن سندس پرجوش استقبال ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪ فوج جي حڪمت عملي ۽ ڪاميابي تي روشني وڌي.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته بلوچ عوام پاڪستان سان تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايت جي رشتن سان جڙيل آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته معرڪه حق ۾ فتح عوام جي حمايت خاص طور تي نوجوانن جو ڪردار اهم رهيو. ڪشمير پاڪستان جو اهم حصو هو، آهي ۽ رهندو.شاگردن ۽ شاگردياڻين آپريشن بنيان مرصوص جي تاريخي فتح تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين، فيڪلٽي ميمبرن وڌيڪ اهڙي انٽرايڪٽيو سيشنز منعقد ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔