مري، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري، وڻ ڪري پيا، پاڻي گهرن ۾ داخل

اسلام آباد: مري ۾ گذريل رات کان شروع ٿيندڙ تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي وڻ ڪري پيا ۽ گاڏيون ڦاسي ويون جڏهن ته راولپنڊي ۾ به تيز برسات سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.

مري جي بوستان روڊ ۽ ايڪسپريس وي جي آوائين واري هنڌ تي لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا ڏسڻ ۾آ يا جنهن دوران 3 ڄڻا پٿر لڳڻ سبب معمولي زخمي ٿي پيا جڏهن ته امدادي ٽيمن گاڏين ۽ 11 ڄڻن کي حفاظت سدان ڪڍي ورتو

ٻئي طرف نمب جهنڊا گهٽي ڳوٺ ۾ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ 2 گهر پاڻي هيٺ اچي ويا پر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. مري ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات ۽ تيز هوائن سبب وڻ ڪري پيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي پيون آهن. برسات جي نتيجي ۾ بهورين ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ گذريل 12 ڪلاڪن کان بجلي جي فراهمي معطل آهي.

ڊپٽي ڪمشنر شهرين کي مري جي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ندي نالن ۽ ڊيمز ۾ وهنجڻ کان مڪمل طور تي پاسو ڪريو.

هوڏانهن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته راولپنڊي جي نجي هائوسنگ سوسائٽي جي فيز ايٽ ۽ لاڳاپيل ڳوٺن ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو آهي. تيز برسات سبب باغ راجگان، کهڙڪن ۽ سوباوه جا ڳوٺ پڻ متاثر ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔