ڪراچي: يورپ هن وقت هڪ خطرناڪ ۽ شديد گرميءَ جي لهر جي لپيٽ ۾ آهي، جتي تيز گرمي، انساني موت، ٻيلن ۾ باهه لڳڻ، انفرااسٽرڪچر تي دٻاءُ، ۽ صحت بابت ايمرجنسي الرٽ جاري آهن. هي صورتحال ماحولياتي تبديلي جي علامت آهي، جيڪا ايندڙ وقتن ۾ وڌيڪ سنگين بڻجي سگھي ٿي. اولهه، ڏکڻ، وچ ۽ اوڀر يورپ ۾ جون جي آخر کان وٺي هڪ ڊگهي ۽ سخت گرمي واري لهر جاري آهي، جيڪا اتر آفريڪا کان گرم هوا ميڊيٽرين يعني روم سمنڊ جي گرم هوا سان گڏجي يورپ ۾ وڏي گرمي جو سبب بڻيل آهي. سڀ کان وڌيڪ گرمي پد پرتگال جي شهر مورا، ۾رڪارڊ ٿيو جيڪو 46.6 ڊگري هو. جڏهن ته ڏکڻ اسپين ۾ گرمي پد 46 ڊگري رڪارڊ ٿيو آهي. انگلينڊ جا ڪجهه علائقابه تاريخي ريڪارڊن کان مٿي گرمي جو شڪار آهن.