ڍاڪا : بنگلاديش، سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز 2-1 سان کٽڻ کانپوءِ پاڪستان خلاف 3 ميچن جي سيريز لاءِ پنهنجو ساڳيو اسڪواڊ برقرار رکيو آهي.
پاڪستان جي ٽيم ٽن ميچن جي سيريز لاءِ ڍاڪا پهچي چڪي آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيئي ميچون ڍاڪا جي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ۾ 20، 22 ۽ 24 جولاءِ تي کيڏيون وينديون.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، بنگلاديشي اسڪواڊ خميس ڏينهن ڍاڪا پهتو، جڏهن سلڪيٽرن طرفان پاڪستان خلاف اسڪواڊ ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار نه ڪئي وئي آهي ۽ سريلنڪا خلاف چونڊيل ٽيم کي ئي برقرار رکيو ويو آهي.
پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ بنگلاديش جو اسڪواڊ ۾لِٽن داس (ڪپتان)، تنزيد حسن، پرويز حسين ايمون، محمد نعيم، توحيد هردوئي، جاڪر علي، شميم حسين، مهدي حسن ميراز، رشاد حسين، مهدي حسن، ناصم احمد، تسڪين احمد، مستفيض الرحمان، شريفل اسلام، تنزيم حسن ساقيب ۽ محمد سيف الدين شامل آهن.
