يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن سمورا آپريشن 31 جولاءِ تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:  حڪومت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا سمورا آپريشنز هلندڙ مهيني 31 جولاءِ تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش ۽ وي ايس ايس پلان جي حوالي سان اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس جي دوران ڪميٽي ڏنل حدفن جي روشني ۾ هينئر تائين  جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ آئنده جي لائحه عمل تي تفصيلي مشاورت ڪئي.

اجلاس ۾ انهي ڳالهه جو ارادو ڪيو ويو ته حڪومت جي هدايتن موجب يو ايس سي جون سموريون سرگرميون 31 جولاءِ 2025 تائين بند ڪيون وينديون. اجلاس ۾ يو ايس سي ملازمن جي لاءِ هڪ منصفاڻي ۽ مالي طور تي عمل جوڳي رضاڪارانه ڌار اسڪيم(وي ايس ايس) جي جوڙجڪ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.

اجلاس ۾  گڏيل اسڪيم جي مختلف رخن جيئن اندازي طور تي حجم، مالي اثرات، قانوني ۽ انتظامي نڪتن جو به جائزو ورتو ويو. ڪميٽي تجويز ڏني ته يو ايس سي جي آپريشنز بابت نجڪاري يا اثاثه جات جي وڪرو جي امڪانن ۽ ساخت جو جائزو وٺڻ جي لاءِ نجڪاري ڪميشن سان مشاورت ڪئي ويندي.

اجلاس جي دوران چيئرمين اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ ناڻي واري وزارت، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جا نمائنده به شامل هوندا. اها ذيلي ڪميٽي گڏيل وي ايس ايس جي قانوني، عملي، مالياتي ساخت ۽ حجم جو جائزو وٺي هلندڙ هفتي جي آخر تائين رپورٽ پيش ڪندي، اها رپورٽ مرڪزي ڪميٽي کي حتمي سفارشون جوڙڻ ۾ مدد ڏيندي، جيڪو مقرر حدفن موجب وزيراعظم آڏو پيش ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔