ڪيو: يوڪرين روبوٽ ذريعي روسي فوجين کي قيد ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي ۽ دنيا ۾ اهو پهريون واقعو آهي ته مشين انسان کي قيدي بڻايو آهي. يوڪرين جي فوجي ترجمان چيو آهي ته ڊرون ۽ روبوٽ استعمال ڪندي روسي فوجين کي قيدي بڻايو ويو آهي. هي واقعو اوڀر يوڪرين جي خارڪيو علائقي ۾ ٿيو، جيڪو فرنٽ لائين تي خودڪار نظامن جي استعمال جو تاريخي لمحو بڻجي ويو آهي. هي آپريشن يوڪرين جي ٿرڊ اِيليٽ برگيڊ پاران ڪيو ويو، خاص طور تي ان جي تجربيڪار ڊرون ڪمپني “DEUS EX MACHINA” پاران سرانجام ڏنو ويو . برگيڊ جي سرڪاري بيان مطابق، هن حملي ۾ FPV (فرسٽ پرسن ويو) ڪاميڪازي ڊرون ۽ گرائونڊ روبوٽڪ ڪمپليڪسز (GRCs) جو استعمال ڪيو ويو، جيڪي اڳي انساني حملي کي ناڪام ڪندڙ روسي مورچن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. حملي جي شروعات هڪ ڪاميڪازي زميني روبوٽ روسي بنڪر تي حملو ڪري ڪئي، جنهن جي ڌماڪي کان پوءِ بچيل روسي فوجين هٿيار ڦٽا ڪري ڏنا، ڇو ته ٻيو روبوٽ به سندن پوزيشن ڏانهن وڌي رهيو هو. برگيڊ ٽيليگرام تي چيو آهي ته: ”جيئن ئي ايندڙ روبوٽ تباهه ٿيل بنڪر وٽ پهتو، دشمن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن.“ بعد ۾، قيد ٿيل فوجين کي ڊرون ذريعي لائيو وڊيو فيڊ جي مدد سان يوڪرين جي لائين تائين رهنمائي ڪري آندو ويو.