ڪورين اداڪارا ڪانگ سيو-ها 31 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي

لنڊن : ڏکڻ ڪوريا جي اداڪارا ڪانگ سيو-هوا 31 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي آهي.ڪورين ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڪانگ سيو-هوا پيٽ جي ڪينسر ۾ مبتلا هئي ۽ سندس خاندان طرفان سندس موت جي تصديق ڪئي وئي هئي.اداڪارا جي خاندان چيو ته ڪيموٿراپي جي ٻئي دور دوران صحت خراب ٿيڻ سبب هوءَ 13 جولاءِ جي منجهند فوت ٿي وئي.ڪانگ سيو-هوا جي موت کان پوءِ، سندس هڪ ويجهي دوست 14 جولاءِ تي سوشل ميڊيا تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي لکيو ته تمام گهڻي تڪليف ۾ هجڻ جي باوجود، هن هميشه پاڻ کان وڌيڪ ٻين جو خيال رکيو.اداڪارا جي دوست پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ڪانگ سيو-هوا ڪيترن ئي مهينن کان ڪجهه به سٺو نه کاڌو هو، پر هن پنهنجي ڪارڊ سان منهنجي کاڌي جي قيمت ادا ڪرڻ تي اصرار ڪيو. هوءَ مون لاءِ هڪ فرشتي هئي.ڪانگ سيو-هوا تازو ئي ايندڙ فلم مينگ نائي-ان (دي ينگيسٽ) جي شوٽنگ مڪمل ڪئي آهي، جيڪا جلد رليز ٿيڻ جي اميد آهي. اداڪارا فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي. اداڪارا ڏکڻ ڪوريا جي نيشنل يونيورسٽي آف آرٽس مان گريجوئيشن ڪئي ۽ 2012 ۾ ميوزڪ وڊيوز ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ڊراما سيريز ‘سيونٽين گرلز هاءِ اسڪول انويسٽيگيٽرز’ سان شهرت حاصل ڪئي.ڪانگ سيو-ها جي جنازي 16 جولاءِ تي ٿيندي. اداڪارا جي موت جي خبر پکڙجڻ کان پوءِ، سندس مداح ۽ ڪورين شوبز انڊسٽري جون اهم شخصيتون سوشل ميڊيا تي تعزيت جا پيغام شيئر ڪري رهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔