هوسٽن: آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ 120 تائين پهچي ويو آهي. آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ موجب ٽيڪساس ۾ گذريل ھڪ هفتي کان جاري طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب عام زندگي سخت متاثر ٿي آهي، جڏهن ته طوفان سبب فوتين جو تعداد ھاڻي 120 ٿي ويو آهي. رپورٽ مطابق برساتن ۽ ٻوڏ مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل علائقو ڪير ڪائونٽي آهي، جتان ھاڻي تائين 96 لاش ملي چڪا آهن، جن ۾ 36 ٻار پڻ شامل آهن. آمريڪي ميڊيا موجب ٻوڏ کان پوءِ امدادي ڪارروائيون جاري آهن، بهرحال اڃا تائين 170 کان وڌيڪ ماڻهون لاپتا آهن، جن جي تلاش جاري آهي.