پاڪ ڀارت جنگبندي ۾ ٽرمپ جو ڪردار نه هجڻ جي ڀارتي دعويٰ کي آمريڪا ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي وزارت ڀارت طرفان پاڪ ڀارت جنگبندي ۾ آمريڪي ڪردار کان انڪار کي ڪوڙو ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٽيمي بروس ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته ڪجهه بيان پاڻ ئي پنهنجي حقيقت ظاهر ڪري ڇڏيندا آهن. جديد دور ۾ سچ ڄاڻڻ جي لاءِ ڪنهن هڪ تبصري ڀاڙي نٿو سگهجي.

ٽيمي بروس چيو ته ڪجهه غلط فهميون هونديون آهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهي مسئلي کي ڪافي واضح ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس به پاڪ ڀارت ڳالهين ۾ شامل هئا ۽ انهي جي ڪردار کي مڃڻ گهرجي.

اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن ڀارتي حڪومت مسلسل اهي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تازي جنگبندي ۾ آمريڪا جو ڪوبه ڪردار نه هو. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا جنگبندي جو ڪريڊٽ پنهنجي مٿان کڻڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ انهي ڪردار تي کيس نوبل امن انعام جي لاءِ به نامزد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔