بيجنگ: هڪ نئين رپورٽ موجب، چين پهريون ڀيرو اعليٰ سطح جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ماهرن جي تعداد ۾ آمريڪا کي پٺتي ڇڏي ويو آهي. 2020 کان 2024 تائين جي پنجن سالن جي ڊيٽا جو جائزو وٺندڙ رپورٽ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته چين ۾ اعليٰ سائنسدانن جو انگ وڌي رهيو آهي، جڏهنته آمريڪا ۾ انهن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي. شينزين تي ٻڌل ڊيٽا ٽيڪنالاجي ڪمپني “ڊونگبي ڊيٽا” پاران 11 جنوري تي جاري ڪيل رپورٽ مطابق، 2020 ۾ آمريڪا ۾ 36,599 دنيا جي اعليٰ سائنسدانن جو انگ هو، جيڪو هر سال گهٽجي 2024 ۾ 31,781 تائين پهچي ويو. ان وقت دوران، عالمي قابليتن جي مجموعي حصي ۾ آمريڪا جو حصو لڳ ڀڳ 33 سيڪڙو کان گهٽجي 27 سيڪڙو تائين اچي ويو. تقريباً 2 لک محققن ۽ 1 لک اعليٰ اثر وجهندڙ تحقيقاتي مقالن جي مطالعي مان اهو ظاهر ٿيو آهي ته دنيا جي مصنوعي ذهانت (AI) جي ميدان ۾ ٽاپ 100 سائنسدانن مان اڪثريت چيني نسل سان واسطو رکن ٿيون. اها لسٽ ITPO China – جيڪا گڏيل قومن جي صنعتي ترقي واري اداري (UNIDO) جو حصو آهي ان لاءِ شينزين ۾ قائم ٽيڪنالاجي ڪمپني Dongbi Data تيار ڪئي آهي. اها فهرست گذريل هفتي بيجنگ ۾ هڪ ڪانفرنس دوران پيش ڪئي وئي. جون-يان زو، ڪارنيگي ميلن يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس اسڪول ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي ۽ دنيا جي معروف AI ماهرن مان هڪ آهي. رپورٽ مطابق، جيتوڻيڪ ان ۾ انفرادي درجا ناهن ڏنل، پر ٽاپ 100 مصنوعي ذهانت ماهرن مان 50 چين جي ريسرچ ادارن يا ڪمپنين سان لاڳاپيل آهن ۽ چيني نسل سان تعلق رکن ٿا.