واشنگٽن : وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليوٽ چيو آهي ته پاڪستان صدر ٽرمپ کي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو آهي.وائيٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ ۾ ڪيرولائن ليوٽ چيو ته پاڪستان جو قدم صدر ٽرمپ جي پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ايٽمي جنگ کي روڪڻ لاءِ فيصلي واري سفارتي ڪوششن جو اعتراف آهي. ياد رهي ته پاڪستان گذريل مهيني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي 2026 جي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو هو.حڪومت چيو هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سفارتي ڪوششن سان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽجي وئي آهي، ۽ ٽرمپ جي سفارتي رابطن جنگ جي خطري کي ٽاري ڇڏيو آهي.