ڪراچي پوليس 8 کان 10 محرم لاءِ ٽريفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ٽريفڪ پوليس 8، 9 ۽ 10 محرم الحرام جي لاءِ ٽريفڪ پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ جلوسن جا روايتي رستا ۽ متبادل ٽريفڪ روٽس جا تفصيل ڏنا ويا آهن.

ياد رهي ته عاشوره (10 محرم) کان اڳ  سموري ملڪ ۾ سخت حفاظتي قدم کنيا ويا آهن جنهن دوران پاڪ فوج جي مقرري سان گڏوگڏ فرقه وارانه مواد ۽ نفرت پکيڙيندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي.

وفاقي حڪومت عاشوره جي حوالي سان 9 ۽ 10 محرم الحرام تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينه ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 9 ۽ 10 محرم الحرام موجب 5 ۽ 6 جولاءِ تي عام موڪل هوندي.

پوليس موجب ٽنهي ڏينهن جا جلوس نشتر پارڪ کان شروع ٿيندا ۽ پنهنجي مقرر روايتي رستي کان ٿيندي امام بارگاهه حسينيه ايران تي اختتام پذير ٿيندا. سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي ايم اي جناح روڊ، گرومندر کان ٽاور تائين بند رهندو.

ٽريفڪ پوليس طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سموري هيوي ڪمرشل ٽريفڪ جيڪا سرپي هاءِ وي، گلبرگ کان ايم اي جناح روڊ جي طرف وڃڻ گهرجي، اها لياقت آباد نمبر 10 کان ناظم آباد چورنگي نمبر 2 جي طور موڙيو ويندو

هر قسم جي ننڍي يا وڏي ٽريفڪ کي گرومندر چوڪ کان اڳيان جلوس جي روٽ تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، اهڙي سموري ٽريفڪ کي بهادر يار جنگ روڊ، سولجر بازار جي طرف موڙيو ويندو. ايم اي جناح روڊ تي هر قسم جي گاڏي جو داخله منع آهي، ماسوائي اهڙين گاڏين جا جن جي اسڪرين تي جلوس ۾ شامل ٿيڻ جو اسٽيڪر لڳل هوندو  جلوس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اسٽيڪر واريون گاڏيون سڌو سنئون شاهراهه قائدين سوسائٽي لائٽ سگنل کان داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.

ٻئي طرف سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبائي حڪومت محرم الحرام جي لاءِ فول پروف سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو آهي.

گهرو وزير محسن نقوي به محرم الحرام جي مقدس مهيني جي دوران امن امان قائم رکڻ لاءِ عالمن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. هن مذهبي هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هلندڙ سال 14 آگسٽ تي سمورن مڪتب فڪر جي عالمن کي فيصل مسجد ۾ ظهر جي نماز لاءِ دعوت ڏني ويندي هن چيو ته اهڙي قدم سان قومي يڪجهتي جو پيغام ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔