سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي فتنته الخوارج جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي، 30 خوارج مارجي ويا

راولپنڊي: ڀارتي حمايت يافته فتنته الخوارج جي افغان سرحد تان پاڪستان ۾ دراندازي جي ڪوشش ناڪام بنائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾  پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد ڀرسان 1 ۽ 2 جولاءِ جي وچ واري رات ۽ پوءِ 2 ۽ 3 جولاءِ جي رات ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد گروپ فتنته الخوارج جي وڏي چرپر کي سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي ناڪام بنائي ڇڏيو.

اهي دهشتگرد گروپ جنهن کي ڀارت جي مڪمل سرپرستي حاصل هئي، پاڪستان ۾ دراندازي جي ڪوشش ڪري رهيو هو جيڪي موثر جوابي ڪارروائي جي دوران مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب سمورا 30 دهشتگرد وقت تي ڪارروائي دوران مارجي ويا. دهشتگردن کان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارودي مواد به هٿ آيو آهي. پاڪستان سيڪيورٽي فورسز جي انهي وقت تي ڪارروائي ملڪ کي امڪاني وڏي سانحي کان محفوظ ڪندي وڏي تباهي کان بچائي ورتو.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جو دفاع ۽ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم ۽ تيار آهي انهي حوالي سان افغان حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها پنهنجي زمين کي دهشتگردي جي لاءِ پرڏيهي وار جي استعمال کان روڪي ۽ اهڙن عناصرن جي خلاف ڪارروائي جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج چيو آهي ته هو ملڪي سرحدن جي دفاع ۽ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔