واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هندستان سان هڪ معاهدو ممڪن آهي.پنهنجي جهاز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جاپان سان واپاري معاهدو شڪي آهي. جاپان سان معاهدو ممڪن نه ٿي سگهي. هن چيو ته جاپان کان درآمد تي ٽيرف 30 يا 35 سيڪڙو يا ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف ملڪن سان واپاري معاهدن لاءِ 9 جولاءِ جي آخري تاريخ وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.