ڪراچي: نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) اڄ کان 5 جولاءِ تائين سموري ملڪ ۾ تيز سانوڻي برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. ڪراچي، حيدرآباد، بدين ۽ ٺٽي ۾ 2 کان 5 جولاءِ جي دوران تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته جڏهن ته ٻوڏ جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب اڄ کان 5 جولاءِ جي دوران ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد، پوٽوهار، ايبٽ آباد، مانسهره، هريپور، بالاڪوٽ، مري، گليات ۾ تيز برسات جو امڪان آهي جنهن سبب لينڊ سلائيڊنگ ندي نالن ۾ چاڙهه جو امڪان آهي.
خيبرپختونخواهه جي شهرن پشاور، چارسده، نوشهره، ڪوهات، سوات، چترال، ڊي آءِ خان، بنون ۽ مردان ۾ به ٻوڏ ڪابل، سوات درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي جو امڪان آهي. لاهور ۽ راولپنڊي سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب 2 کان 5 جولاءِ جي دوران ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ۾ به تيز برساتن جو امڪان آهي تيز برساتن سبب ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو پڻ امڪان آهي. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ انعام حيدر صورتحال کان خبردار ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جو امڪان آهي. اترين علائقن ۾ گليشيئرز پگهرجڻ سبب برساتن دوران ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي.
هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب آفت سٽيلن مان آهي، سانوڻي جي دوران پاڻي جي وهڪرن ۾ اوچتو اضافو ٿيندو آهي، عوام آبي گذرگاهن جي ڀرسان سير وتفريح جي دوران احتياط ڪري، انعام حيدر چيو ته اين ڊي ايم اي امڪاني خطرن کان بچاءُ جي لاءِ ڪوشان آهي. اين ڊي ايم اي آپريشن سينٽر جي هنگامي صورتحال تي 6 کان 8 مهينا اڳ الرٽ رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.