ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا شيفالي جريوالا جي اوچتي وفات کان پوءِ، هن جي دوست اداڪار وِشال ادِيتيا سنگهھ سوشل ميڊيا تي سندن آخري ڳالهه ٻولهه جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪري ڇڏيو آهي. شيفالي ۽ وِشال ٻئي ريئلٽي شو بگ باس جي سپر هٽ سيزن 13 جو حصو رهيا ۽ اهي اڪثر ڪري مختلف پارٽين ۾ گڏ نظر ايندا هئا، جڏهن ته هاڻ وِشال پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ دل ڌوڏيندڙ آخري گفتگو شيئر ڪئي آهي. اداڪار طرفان شيئر ڪيل اسڪرين شاٽ ۾ ٻنهي جمعي جي رات ملاقات ڪرڻ جو طئي ڪيو هو، پر بدقسمتي سان شيفالي جي وفات به جمعي 27 جون جي رات ٿي.