سوات درياءَ ۾ ٻڏي ويل هڪ ٻئي سياح جو لاش ڪڍيو ويو، فوتين جو انگ وڌي 10 ٿي ويو

سوات: سوات درياءَ ۾ ٻڏي ويل هڪ ٻئي سياح جي به لاش ڪڍي وئي آهي. ضلعي انتظاميه موجب ڪالهه صبح سوات درياءُ ۾ اوچتو پاڻي جي وڏي وهڪري سبب مختلف هنڌن تي 70 ڄڻا ڦاسي ويا هئا جن مان 55 کي ريسڪيو ويو هو ٻين جي ڳولا جاري هئي. هاڻ ٻڌايو پيو وڃي ته سوات درياءَ ۾ ٻڏي ويلن مان هڪ سياح جي لاش ڪڍي وئي آهي جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 10 ٿي ويو آهي ته جڏهن ته 3 ڄڻن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

ڪالهه صبح سوات باءِ پاس جي هنڌ تي درياءَ جي ڪناري هوٽل تي ناشتو ڪندڙ ڪجهه فيمليون درياءَ جي خشڪ حصي ۾ لٿيون هيون ته اوچتو  پاڻي جو وڏو وهڪرو آيو جيڪو سڀ ڪجهه پاڻ سان گڏ  لوڙهي کڻي ويو

ريسڪيو اختيارين موجب سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ متاثره خاندان سوات سير جي لاءِ آيو هو جيڪو درياءَ  جي ڪناري تي ويهي ناشو ڪري رهيو هو پر انهي دوران برسات سبب درياءَ ۾ تيز پاڻي جا وهڪرا آيا جيڪي هڪ ئي خاندان جي 10 ڄڻن کي لوڙهي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته موسمياتي تبديلي، گرمي پد ۾ اضافو ۽ تيزي سان گليشيئرز پگهرجڻ سبب دريائن ۾ اوچتو وهڪرن جو اچڻ هاڻ معمول ٿيندو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔