ايل او سي تي ڀارتي فوج جي چڙ ڏياريندڙ فائرنگ سان هڪ عورت زخمي

اسلام آباد: ڀارتي فوج طرفان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي هڪ دفعو ٻيهر شرپسندي ڪئي وئي جنهن سان هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر سيز فا.ر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪنٽرول لائن جي ڪريله سيڪٽر تي چڙ ڏياريندڙ فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي جنهن سان بٽلا مٿراني ڳوٺ جي عورت شديد زخمي ٿي پئي.

آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻايو آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان آرمي طرفان به ڀارتي اڳرائي کي جواب ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔